شاهه لطيف راڪ وِلا

شاهه لطيف راڪ وِلا (ماڳ): هي ماڳ شهر ٿاڻي بولا خان، ضلعي ڄام شوري ۾ واقع آهي. هيءَ رهائشي عمارت انگريزن جي دور جي، ۽ گهڙيل پٿريل جي سرن جي ٺهيل آهي، جنهن ۾ ڪافي ڪمرا، سوئمنگ پول ۽ ورانڊا آهن. هن وقت مکيه عمارت جي هڪ ڪنڊ ۾ واقع حصو روپا ٻائيءَ جي نالي اسپتال طور ڪم اچي ٿو. هن ۾ پيل گھرو سامان، جهڙوڪ: فرنيچر وغيره به ان دور جو آهي. هن جو اصل مالڪ ڪراچيءَ جو مشهور ويدانتي بزرگ دولت مهتاڻي ۽ سندس وڏو ڀاءُ دادا منگهارام مهتاڻي هو. هاڻي هن جو مالڪ موهن منگلاڻي آهي. دادا دولت مهتاڻي اهو بزرگ آهي، جنهن سنڌيءَ ۾ ’سوجهرو‘ رسالو جاري ڪيو هو، جنهن جي ابتدائي دور واري ٽيم ۾ ڪملا مهتاڻي، فهميده حسين، سحر امداد، ارشاد قمر، شيرين فاروقي، نرگس هودڀائي، اقبال جتوئي وغيره شامل هئا ۽ پوءِ اڳتي هلي تاج بلوچ ايڊيٽر بڻيو. ’سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت‘ پاران محمد ابراهيم جويي به دادا دولت جي مالي سهڪار سان ’ساميءَ جا سلوڪ‘ (ٻه ڀاڱا) ڇپرايا آهن. هيءَ چڱي وڏي عمارت آهي، جنهن جي ڇت ۾ لوهه استعمال ٿيل آهي ۽ هن جي سٺي نموني سنڀال ڪئي وئي آهي. هيءَ عمارت ڏيسوئي نئن جي ڪپ تي ڏيڍ ايڪڙ ايراضي والاري ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو